جسٽس سرفراز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج  قرار

جسٽس سرفراز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ٽرانسفر ججز ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج ڊڪليئر ڪري ڇڏيو.صدر آصف زرداري جسٽس سرفراز ڊوگر سميت ٻين 22 ججز جي ٽرانسفر به مستقل قرار ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ججز جي سينارٽي جي مقرري جو معاملو صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻيو هو. صدر آصف زرداري طئي ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي سينارٽي لسٽ جاري ڪري ڇڏي.سينيارٽي لسٽ موجب ٽرانسفر ٿيل جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر ترين جج هوندا، جسٽس خادم حسين سومرو 9 نمبر تي آهي جڏهن ته جسٽس آصف 11هين نمبر جو جج هوندو.ججز جي سينارٽي جي مقرري، عارضي يا مستقل ٽرانسفر جو معاملو صدر آصف علي زرداري ڏانهن اماڻيو ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. گزٽ نوٽيفڪيشن 27 جون 2025 تي جاري ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز 28 جون جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل هئي جڏهن ته ججز جي سينارٽي جو معاملو هڪ ڏينهن اڳ 27 جون تي ئي گزٽ نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ طئي ٿي چڪو هو.پهرين جولاءِ تي جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ مستقل چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ مقرري غور هيٺ ايندي. سنڌ پشاور ۽ اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري ٿيندي هر هاءِ ڪورٽ جي 3 سينئر ترين ججز مان هڪ کي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن اونگزيب جا نالا غور هيٺ هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو