جروار (ن س) جروار ڀرسان زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، پيرسن قتل ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زمين جي تڪرار تان لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ پيرسن قتل ٿي ويو، مقتول جا 2 پٽ پڻ زخمي ٿي پيا،ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ لڌو ملڪ ۾ گوليون لڳڻ سبب غلام حسين لنڊ ۽ سندس ٻه پٽ تصوير ۽ لال بخش لنڊ زخمي ٿي پيا، زخمي پيرسن غلام حسين لنڊ سور نه سهندي دم ڏنو، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو










