ٻيلو شھر(رپورٽ:شعيب الرحمان)يونيورسٽي روڊ ڪراچي جي رهواسي طارق شعيب پاران پنهنجي گهر واري کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ٻن 7 سالن جي جاڙن ٻارڙن عبدالله ۽ ايمل کي ٻيلو ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ زمينون آباد ڪندڙ ڪولهي برادري ۾ جبري پورهئي لا۽ وڪڻي ڇڏيو. عورت مريم پاران ايس ايس پي سجاول سان ملاقات ڪري کيس سڄي ماجرا ٻڌائي ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ايس ايس پي سجاول فوري نوٽيس وٺندي چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي انچارج شمس النساء ۽ انچارج 15 تي مشتمل ٽيم ٺاهي ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي انچارج پروٽيڪشن ٽيم جي انچارج شمس النساء پنهنجي ٽيم سميت سجاول ٿاڻو ۽ ٻيلو ٿاڻو پوليس ساڻ ڪري ٻيلو ڀرسان دمدمون اسٽاپ وٽ ڪچي ۾ ڪاروائي ڪندي ٻن ٻارڙن عبدالله سندس ڀيڻ ايمل ۽ کين يرغمال بنائي ڪچي جي زمينن تي جبري پورهيو ڪرائيندڙ سامجي ڪولهي ۽ معصوم ٻارڙن کي وڪڻندڙ سندن پيءُ طارق شعيب کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.










