جبري پورهئي لاءِ وڪيل ٻار بازياب، والد گرفتار

ٻيلو شھر(رپورٽ:شعيب الرحمان)يونيورسٽي روڊ ڪراچي جي رهواسي طارق شعيب  پاران پنهنجي گهر واري کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ٻن 7 سالن جي جاڙن  ٻارڙن عبدالله ۽ ايمل کي ٻيلو ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ زمينون آباد ڪندڙ ڪولهي برادري ۾  جبري پورهئي لا۽ وڪڻي ڇڏيو. عورت  مريم  پاران ايس ايس پي سجاول سان ملاقات ڪري  کيس سڄي  ماجرا ٻڌائي ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ايس ايس پي سجاول  فوري نوٽيس وٺندي چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي انچارج شمس النساء ۽  انچارج 15 تي مشتمل ٽيم ٺاهي ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي انچارج پروٽيڪشن ٽيم جي انچارج شمس النساء پنهنجي ٽيم سميت  سجاول ٿاڻو ۽ ٻيلو ٿاڻو پوليس ساڻ ڪري ٻيلو ڀرسان  دمدمون اسٽاپ وٽ ڪچي ۾ ڪاروائي ڪندي ٻن ٻارڙن عبدالله سندس ڀيڻ ايمل ۽  کين يرغمال بنائي ڪچي جي زمينن تي جبري پورهيو ڪرائيندڙ سامجي ڪولهي ۽ معصوم ٻارڙن کي وڪڻندڙ سندن پيءُ طارق شعيب کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو