اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مخصوص سيٽن تي موجوده بحران جو ذميوار عدليه کي قرار ڏيندي چيو آهي ته عدليه نه رڳو طوفان کي چانهه جي ڪپ ۾ تبديل ڪيو پر ان کي مڪمل آئيني بحران ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جمعي تي قومي اسمبلي ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته چونڊن جي آخري وقت تي چونڊ نشان کسي عدليا هڪ موئل پارٽي، تحريڪ انصاف کي وڏو فائدو ڏنو. پ پ چيئرمين قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته عام چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ خاص طور تي مخصوص سيٽن جي معاملي تي پي ٽي آءِ بابت عدالتي فيصلن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ۾ مخصوص سيٽون ڪينڊيز (کٽمٺڙن) وانگر ورهايون پيون وڃن.هن چيو ته پاڪستان ۾ چانهه جي ڪپ وارو طوفان مڪمل آئيني بحران ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن جو ذميوار مان نه، اسپيڪر، نه ميمبر نه، وزيراعظم يا پارليامينٽ نه پر عدليه پاڻ آهي. هن چيو ته هي بحران عدليا جو آهي. عدليا پاران آهي ۽ عدليا لاءِ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيئن ارشد نديم تاريخ رقم ڪئي تيئن عدليه به عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جا ڪجهه مسئلا اوهان جي هٿن ۾ آهن ۽ ڪجهه اوهان جي هٿ ۾ ناهن، ادارن ۾ خال نظر اچي رهيو آهي.هن چيو ته هڪ ادارو بار بار مداخلت ڪري ٿو، عدليه جي تاريخ سڀني جي سامهون آهي، اسان جي عدليه ارشد نديم وانگر عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، اسان جي عدليه ايتري قابل آهي جو نه رڳو عدالت هلائي ٿي پر ڊيم به ٺاهي ٿي.بلاول ڀٽو چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته هڪ ادارو بار بار سياست ۾ مداخلت ڪري ٿو، اسان جي عدليه ايتري قابل آهي جو انصاف فراهم نٿي ڪري سگهي پر ڊيم ٺاهي سگهي ٿي، اسان جي عدليه ٽماٽر، سموسن جا اگهه به مقرر ڪري سگهي ٿي، اسان جي عدليه ايتري باصلاحيت آهي جنهن جو دنيا ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي.هن چيو ته جڏهن سموسن ۽ ٽماٽن جي قيمتن جي ڳالهه اچي ٿي ته آئين ۽ قانون جي خبر ناهي ڪيڏانهن وڃي ٿي، اسان جي عدليه ايتري طاقتور آهي جو ڪا به عدليه ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي. ذوالفقار ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهرين جا ڪيس اڃا تائين انصاف جا منتظر آهن. بلاول ڀٽو چيو ته هن ايوان ۾ ويٺل ڪو به شخص هن بحران جو ذميوار ناهي، هي بحران عدليه جو آهي، عدالت چيو هو ته هنن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي جنهن سبب چونڊ نشان نه ملندو .هن چيو ته ان فيصلي سان هڪ مري ويل سياسي پارٽي کي فائدو ٿيو ته سڄي پارٽي متحرڪ ٿي وئي، ان فيصلي جا به سياسي اثر هئا.بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ اڄ نفرت جي سياست عروج تي آهي، اڄ جي سياست ۾ اهڙي ورهاست ڪڏهن به ناهي ڏٺي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي.بلاول چيو ته هن پڇيو به ناهي، آئين ۽ قانون ۾ ڪا به اجازت ناهي، کيس سيٽون ڏنيون ويون ڄڻ ٽافيون هجن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توهان جڏهن ٽي وي کوليو ٿا ته هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان جو عوام معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، سياسي ڪارڪن بنگلاديش جي صورتحال کي غور سان ڏسي رهيا آهن.هن چيو ته شهيدن جي ڪوٽا بابت بنگلاديش ۾ احتجاج ٿيو، حسينه واجد پاران شهيدن جي ڪوٽا کي ختم ڪيو ويو، احتجاج شروع ٿيو ۽ حسينه واجد کي حڪومت ڇڏڻي پئي، اسان کي عوام جي حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.بلاول ڀٽو چيو ته راندين جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي، پوري قوم طرفان ارشد نديم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، لياري جا ٻار فيفا ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ فنڊ قائم ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ارشد نديم جي اهڙي سهڪار نه ڪئي جيتري کين ڪرڻ گهرجي ها، هر صوبي جو انڊومينٽ فنڊ راندين لاءِ مختص ڪيو وڃي، پاڪستاني نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڪوشش آهي ته ايندڙ اولمپڪس ۾ وڌيڪ ميڊل کٽي، ارشد نديم پنهنجي محنت سان اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيو.










