ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي تہ مھانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ۽ ھڪ ھفتي اندر 27شين جي اگھن ۾ اضافو حڪومتي دعون جي نفي آھي.پيٽرول جا روزانه جي بنياد تي اگھ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ھاڻي روزانو عوام جي کيسن تي ڌاڙو لڳندو. سنڌ جي خدشن توڙي احتجاج جي باوجود تڪراري جلال پور ڪئنال مڪمل ڪري وھائڻ سنڌ سان ناانصافي ۽ ان سان صوبن وچ۾ ويڇا وڌندا. سنڌ جي پاڻي سميت حقن ۽ دنگن جي سودي بازي ڪندڙ پارٽي ھاڻي نڪ جي پڪائي سان مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا ھڻي رھي آھي. جماعت اسلامي بدامني بجلي گيس بحران سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي آواز اٿاريندي رھندي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ٽنڊو الهيار ۾ تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنھن ۾ سڄي ضلعي مان عھديدارن شرڪت ڪئي. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو تہ ظالم ۽ بي حس حڪمرانن پاران ايران-آمريڪا جنگ جو بهانو بڻائي لاڳيتو عوام مٿان پيٽرول بمباري جي ڪري ملڪ جي معيشت، ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، مهانگائي ۽ عام ماڻهوءَ جي روزاني زندگيءَ زهر بڻائي ڇڏي آهي، هاڻي روزانو نوان اگهه مقرر ڪرڻ جي صورت ۾ عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري، وڌندڙ بجلي ۽ گيس جي بلن، ٽيڪسن جي بار ۽ گهٽ ٿيندڙ خريداري واري سگهه سبب شديد پريشانيءَ ۾ ورتل آهي ان جو جيئڻ وڌيڪ مشڪل بڻجي ويندو. حڪومت جيڪڏهن واقعي عوام کي فائدو ڏيڻ چاهي ٿي ته ان کي روزانو اگهه بدلائڻ بدران اهڙو نظام آڻڻ گهرجي، جنهن تحت عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌو فائدو عام صارف تائين پهچي. ساڳئي وقت ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن، خوراڪ جي شين ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن تي به سخت نگراني ڪئي وڃي، جيئن پيٽرول سستو ٿيڻ سان مارڪيٽ ۾ به حقيقي سستائي اچي سگهي. روزانو تيل جي قيمتن جي تبديلي جو فيصلو بنا مضبوط حفاظتي قدمن جي لاڳو ڪيو ويو ته ان جا نتيجا مهانگائي، منافعي خوري ۽ عوامي بيچيني جي صورت ۾ قوم کي ڊگهي عرصي تائين ڀوڳڻا پوندا. پنجاب پاران سنڌ جا سڀئي اعتراض رد ڪندي تڪراري جلال پور ڪينال وهائڻ سان ملڪ ۾ موجود نفرتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو جنهن جي سموري ذميواري ن ليگ جي نااهل حڪومت تي عائد ٿئي ٿي. حڪمران هوش کان ڪم وٺن، جماعت اسلامي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هرگز برداشت ڪونه ڪندي، سمورين قومپرست ۽ ساڃاه ونڌ ڌُرين توڙي سياسي جماعتن جي مشاورت سان آئنده جو لائحه عمل جوڙينداسين. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سُهيل احمد شارق، ضلعي امير آصف ياسين،مقامي امير رائو جاويد، ديدار بهراڻي، يونس قائم خاني سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.#










