توهان کي ٽڪ ٽاڪ جي نئين فيچر ضرور پسند ايندي

توهان کي ٽڪ ٽاڪ جي نئين فيچر ضرور پسند ايندي

لندن(ويب ڊيسڪ)ٽيڪسٽ ٽو اميج سسٽم اڄڪلهه تيزي سان مقبول ٿي رهيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته ٽڪ ٽاڪ پڻ هن ٽيڪنالاجي کي شامل ڪري رهيو آهي. ٽيڪسٽ ٽو اميج AI سسٽم ۾ ماڻهو صرف لکڻ سان پنهنجي گهربل تصوير ٺاهي سگهن ٿا، انهن کي صرف گهربل تصوير لاءِ صحيح ٽيڪسٽ لکڻو آهي جنهن کي AI سسٽم تصوير ۾ تبديل ڪري ٿو. هن مختصر وڊيو شيئرنگ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي تازو ئي AI گرين اسڪرين نالي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن ذريعي صرف لکڻ سان تصوير ٺاهڻ ممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو