توانائي بحران ۽ سپلائي چين جي رڪاوٽ ۾ مڪمل ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو

توانائي بحران ۽ سپلائي چين جي رڪاوٽ ۾ مڪمل ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيا آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي جيءُ آيا (آجيان) ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته توانائي جو بحران برقرار آهي ۽ ٻين سپلائي چين جي رڪاوٽ مڪمل طور ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.هن جو چوڻ هو ته بنيادي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) کي پهچندڙ نقصان سبب سپلائي جي فوري بحالي ممڪن نه هوندي.ڪرسٽالينا جارجيا وڌيڪ چيو ته معاشي بحالي جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته توانائي جي فراهمي کي پهچندڙ جهٽڪو ڪيتري قدر سخت هو.

پهنجو تبصرو موڪليو