تنگواڻي: پراڻي دشمني تان فائرنگ، هڪ قتل، هڪ زخمي

تنگواڻي: پراڻي دشمني تان فائرنگ، هڪ قتل، هڪ زخمي

تنگواڻي: (ن س) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيات کوسو ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ھٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان اياز چولياڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ٻيو شخص غلام شبير بجاراڻي سخت زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي تنگواڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي واقعي واري جاءِ تي پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو ۽ زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جو سبب پراڻي دشمني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو