ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير )تنگواڻي جي هندو ناري ڪويتا اوڏ ڀرچونڊي شريف پهچي مذهب مٽائي اسلام قبول ڪري ورتو آھي، گذريل ڏينهن ناري تنگواڻي مان پنھنجي چاهيندڙ مشتاق بهلڪاڻي سان گڏ درگاھ عاليه ڀرچونڊي شريف پھچي سجاده نشين پير ميان عبدالخالق قادري وٽ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي وئي. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سندس اسلامي نالو اُم حِنا رکيو ويو آهي صحافين سان ڳالهائيندي ناري چيو ته مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان مذهب مٽائي اسلام قبول ڪيو آهي هاڻي پنھنجي رضا خوشيءَ سان پرڻو ڪندس ھن وڌيڪ چيو ته منھنجا وارث مون کي ڪنھن ٻي هنڌ پرڻائي رهيا هئا هاڻي مان پنھنجي چاهيندڙ مشتاق بهلڪاڻي سان عدالت سڳوري ۾ پرڻو ڪندس. سندس مسلمان ٿيڻ بابت هڪ ويڊيو به وائرل ٿي آهي جنهن بعد نعت پڙهي وئي ۽ ان دوران پير سميت ماڻهو پيسا گهوري رهيا آهن. ناري جي والدين جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي عمر 15 سال آهي کيس ورغلايو ويو آهي.










