اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان رياستي رٽ کي چيلنج ڪيو ته ان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙن جي لاءِ هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته جڏهن تحريڪ لبيڪ تشدد جو رستو ورتو ماڻهن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. عمران خان کي چيو هو ته جڏهن تحريڪ لبيڪ رياست جي رٽ کي چيلنج ڪيو ته ان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي.ڪوبه قانون ۽ آئين کان مٿانهون ناهي. وزيراعطم پنهنجي ٽوئٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ انتهاپسند جيڪي اسلام فوبيا ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن جي ذريعي 1.3 ارب مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ جو سبب بڻجندا آهن ان جي لا3 منهنجو پيغام آهي ته اسان مسلمان پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صه سان سڀني کان وڌيڪ محبت ۽ ان جي عزت ڪندا آهيون ۽ اهو اسان جي دلين ۾ رهندو آهي. اسان اهڙي قسم جي توهين برداشت نٿا ڪري سگهون.هن چيو ته مغرب ۾ رهندڙ انتهاپسند سياستدان اظهار جي آزادي واري راءِ جي آڙ ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت پکيرڻ ۾ اخلاقي طور تي ايتري قدر ڪري چڪا آهن جو هو 1.3 ارب مسلمانن کان ان جي دل آزاري تي معافي به نٿا گهرن.اسان اهڙن انتهاپسندن کان معافي جو مطالبو ڪريون ٿا. عمران خان چيو ته مان مغربي ملڪن جي حڪومتن کان به مطالبو ڪريان ٿو ته جنهن هولوڪاسٽ تي منفي تبصرن تي قانوني پابنديون لڳايون اهي ان معيار تي پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي توهين ڪري مسلمانن جي خلاف نفرت پکيڙڻ وارن جي لاءِ به سزائن جو معيار ساڳيو هجڻ گهرجي.










