ترڪي ۾ ملازمن جي 45 سيڪڙو ۾ واڌ جو اعلان

ترڪي ۾ ملازمن جي 45 سيڪڙو ۾ واڌ جو اعلان

انقره(ويب ڊيسڪ)ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 45 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هو.پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪي ۾ سرڪاري کاتن ۾ 5 لک ملازم ڪم ڪن ٿا.رپورٽن مطابق صدر رجب طيب اردگان معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وياج جي شرح گهٽائڻ جي واعدي تي مهم هلائي رهيو آهي.هن مهانگائي کي سنگل انگن ۾ گهٽائڻ ۽ معاشي ترقي کي وڌائڻ جو واعدو پڻ ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 20 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ ترڪ صدر اردگان کي هن ڀيري چونڊن ۾ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو