ترقياتي ڪمن سبب صفورا کان سماما تائين روڊ بند

ترقياتي ڪمن سبب صفورا کان سماما تائين روڊ بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين جي ترقياتي ڪم سبب صفورا کان سماما تائين مين يونيورسٽي روڊ جا ٻئي ٽريڪ بند ٿي ويا.ٽريفڪ پوليس موجب نيپا کان ٽريفڪ ڊائو ٽرننگ ۽ سچل ذريعي صفورا موڪلي رهي آهي، جڏهن ته صفورا کان ٽريفڪ جوهر چورنگي ۽ سميرا ذريعي نيپا ڏانهن موڪلي پئي وڃي.ڪجهه ڏينهن اڳ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ريڊ لائن بس جي ملير هالٽ کان روٽ نمبر 1 ۽ ميٽرولوجي کان نمائش تائين روٽ 2 تي ڪم جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو