بي آئي ايس پي جي سمورن سينٽرن تي عورتن جي ٿيندڙ تذليل ٿي پئي

بي آئي ايس پي جي سمورن سينٽرن تي عورتن جي ٿيندڙ تذليل ٿي پئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پنھنجي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪياماڙي سينٽر تي سخت گرمي ۽ رش سبب 20 کان وڌيڪ عورتن جي بيھوش ٿيڻ سميت سنڌ جي سمورن سينٽرن تي عورتن جي ٿيندڙ تذليل پئيڻ جي پاڻي،سميت بنيادي سھولتون ن ملڻ تي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو آهي ت ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن م بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽرن ٻاھران رقم ورھائڻ دوران روزانو ڪيتريون ئي عورتون سخت گرمي،پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب بيھوش ٿي وڃن ٿيون جنھن جو نوٽيس ورتو وڃي ء عورتن جي عزت نفس جو احترام ڪيو وڃي ،اڳواڻن چيو ت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي اسان جي مائرن ء ڀينرن ء ڌيئرن کي تذليل جو نشانو بڻايو ٿو وڃي،سينٽرن م پئيڻ جي پاڻي ء اس کان بچڻ لاء جوڳا انتظام نٿا ڪيا وڃن،جنھن ڪري شھيدن جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي م معصوم گلن جھڙو ٻارڙو گرمي سبب ماء جي ھنج م ٿڙپي ٿڙپي فوت ٿي ويو،پر سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن کي پرواھ ئي ناھي،اڳواڻن چيو ت سنڌ م بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ايجنٽ وزيرن،مشيرن ،چونڊيل نمائندن جا مائٽ ء ڀائر آھن جن آڏو حڪومتي ڪارندا بيوس بڻيل آهن ،عورتن کي ملندڙ رقم مان غير قانوني ڪٽوتيون ڪيون ٿيون وڃن پر ڪير ب ٻڌڻ ء ڏسڻ وارو ن آهي ،اڳواڻن چيو ت غربت ء مھانگائي جي ماريل عوام جي عزت نفس سان کيڏڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي،عورتن م پئسا ورھائڻ جو طريقي ڪار بدلايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو