ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي آنجهاني سپر هٽ اداڪارا سري ديوي جي مڙس بوني ڪپور تازو ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته فلم موم جي شوٽنگ دوران سري ديوي زال هوندي به مون سان ڪمرو شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. سندس موقف هو ته هو فلم ۾ ريپ جو شڪار ڌيءَ جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ٻيو ڪو به خيال ذهن ۾ نٿي آڻڻ چاهي جيئن فلمي ڪردار بهتر نڀائي سگهي. 2017 ۾ رليز ٿيل فلم موم جو پروڊيوسر بوني ڪپور هو، جنهن اهو به ٻڌايو ته ان فلم لاءِ اسين اي آر رحمان جي خدمت حاصل ڪرڻ پئي چاهي پر سندس معاوضو بجيٽ کان ٻاهر هو، جنهن تي سري ديوي چيو ته سندس فيس مان 70 لک گهٽ ڪري اي آر رحمان جي خدمت حاصل ڪريو. بوني ڪپور چيو ته سري ديوي فلم موم لاءِ وڏي قرباني ڏني هئي ۽ شايد اهو ئي سبب هو ته اها فلم بيحد هٽ ٿي هئي.










