بهتر موسم لاءِ وڻڪاري ضروري آهي، سيد ناصر شاهه

بهتر موسم لاءِ وڻڪاري ضروري آهي، سيد ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻيلي کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شهيد بينظير ڀٽو پارڪ ۾ مارچ 2019 ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران افتتاح ڪيل مياڪي فاريسٽ ۾ ميويدار وڻن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو ۽ مڪاني کاتي جو سيڪريٽري نجم احمد شاهه ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته موسم ۽ ماحول جي بهتري لاءِ وڻڪاري ضروري آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان سلسلي ۾ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ هو پاڻ به ان ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي سنڌ سرڪار سرسبز سنڌ ۽ اربن فاريسٽري جا پوري صوبي ۾ مختلف  پروجيڪٽ شروع ڪيا آهن جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ تمر اهم پروجيڪٽ آهي جنهن کي پوري دنيا ۾ مڃتا ملي آهي. هن چيو ته انهن ڪاربان ڪريڊٽ وارو ايگريمينٽ ڪيو آهي جنهن تحت تمام وڏي پرڏيهي سرماياڪاري اچي رهي آهي. هن چيو ته سامونڊي پٽي ڪراچي کان شروع ٿي ٺٽو، سجاول ۽ بدين تائين وڃي ٿي جتي پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي هن چيوته ڪاربان ڪريڊٽ ايگريمينٽ تحت ايندڙ سيڙپڪاري مان سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ڏني ويندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته اسان جي وزيراعظم پڻ ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۽ ٻين جڳهن تي مياڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪيو آهي اها چڱي ڳالهه آهي پر اهي جيڪي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو مياڪي فاريسٽ انهن لڳايو آهي ته ريڪارڊ جي درستگي لاءِ عرض ڪندس ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مارچ 2019 ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب هن پارڪ ۾ ۽ ڪراچي جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ مياڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪيو هو. هن چيو ته هن فاريسٽ ۾ ميوي دار وڻ شهرين لاءِ آَهن ڪراچي جا شهري پنهنجي خاندانن سان گڏ هتي تفريح سان گڏ ميوو به کائي سگهن ٿا اسان اجازت ڏئي ڇڏي آهي هن چيو ته هن پارڪ جي ڪا به ٽڪيٽ ناهي اها سڀني لاءِ فري آهي. ان موقعي تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته وفاقي سرڪار ۽ انهن جا گماشتا الزام مڙهڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جا ماهر آهن. پي ايس 88 ۾ اسان جي اڪثريت آهي. پر صبح کان وٺي حليم عادل شيخ ۽ ان جي ٽيم هٿياربند ٿي بدمعاشن جي وڏي ٽولي سان گهمي رهيو هو. پيپلز پارٽي جي ڳڙهه ۾ وڃي پولنگ جي عمل کي روڪرائڻ جي ڪوشش ڪر ي رهيو هو. غلام حسين پولنگ اسٽيشن تي 2018 جي عام چونڊن ۾ اتان جي ووٽرن پيپلز پارٽي جي اميدوار کي وڏي اڪثريت سان کٽرايو هو. حليم عادل شيخ اتي فائرنگ ڪري پولنگ روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. سڀ ثبوت ڪيمرائن ۾ محفوظ آهن. قانون کان ڪوبه مٿانهون ناهي. ڪير ڪيترو به با اثر ڇو نه هجي، قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي. جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو ان طرح سان غير قانوني اسلحو کڻي فائرنگ ڪري، جڏهن اهو گرفتار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هي به گرفتار ٿي سگهن ٿا. صوبائي وزير چيو ته انهن اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي لاءِ اپيل ڪئي هئي. حليم عادل شيخ خلاف جيڪا ڪارروائي ٿي اها ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي خط تي ٿي آهي. ڊي آر آو جو واسطو سنڌ حڪومت سان ناهي. هن چيو ته پولنگ ڏينهن تي پوري انتظاميا مڪمل طور ڊي آر او جي تابع  هوندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملير، سانگهڙ ۽ عمر ڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي مخالفن جي منهن تي چماٽ ۽ حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي. پي ٽي آءِ پنهنجي مهانگائي جي سونامي جو نتيجو ڏٺو ته ملير ۾ ٻئي نمبر تي به نه آئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو