ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بهادر آباد ۾ گهر اندر فائرنگ سبب عورت فوت ٿي وئي. خاتون وحيده کي سندس ڀاءُ قتل ڪري فرار ٿي ويو.پوليس موجب مقتولا جا ٻه مڙس فوت ٿي ويا، هوءَ ٽئين شادي ڪرڻ چاهي ٿي.عورت کي 8 ٻار به آهن، شادي جي معاملي تي ڀائرن ۾ جهيڙو وڌي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ 30 بور جا 2 پستول جا خول مليا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.










