بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي ريلي

بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي ريلي

سجاول (سليم ملاح) عوامي تحريڪ پاران بند پيل اسڪول کولرائڻ جي حوالي سان حسين آزاد، ايوب ٻائيتار، مجيد ساگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ سجاول وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ضلعي سجاول اندر لاتعداد اسڪول بند پيا آهن ۽ جيڪي اسڪول کليل آھن اتي استاد ڊيوٽي نٿا ڪن نتيجي ۾ ھزارين معصوم ٻارڙن جي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي آهي جنهن جا ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ سرڪار آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور بند پيل اسڪول کولرائي اتي تعليمي عمل شروع ڪيو وڃي گوسڙو استادن کي ڊيوٽين تي پابند ڪري اسڪولن ۾ گھربل سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو