ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي مختلف ضلعن زوب ۽ چمن سميت آسپاس جي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزله نگار مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.8 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي ئيڙائي 15 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز زوب کان 122 ڪلوميٽر اتر اوڀر واري علائقي ۾ هو.زلزلي سبب شهرين ۾ شديد خوف و هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن ۽ دڪانن مان ٻاهر نڪري آيا. حادثي ۾ في الحال ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.










