بلوچستان ۾ سرڪاري ۽ خانگي  اسڪولن ۾ جسماني سزا ڏيڻ تي پابندي

بلوچستان ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ جسماني سزا ڏيڻ تي پابندي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي عائد ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي بلوچستان باقاعدي نوٽيفڪيشن (اعلاميو) جاري ڪري ڇڏيو آهي.اعلاميي مطابق، جسماني سزا جي ڀڃڪڙي ڪندڙ استادن ۽ تعليمي ادارن خلاف کاتي وارو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. تعليم کاتي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ شاگردن تي تشدد يا جسماني سزا برداشت نه ڪئي ويندي. اعلاميي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تازو ئي ڪجهه تعليمي ادارن ۾ جسماني سزا جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي ٻارن جي بنيادي حقن ۽ تعليمي ماحول جي خلاف آهن. تعليم کاتي اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته شاگردن لاءِ محفوظ، باعزت ۽ مثبت تعليمي ماحول کي يقيني بڻايو وڃي. تعليم کاتي مطابق، ان فيصلي جو مقصد شاگردن جي حقن جو تحفظ، ذهني توڙي جسماني صحت جو خيال رکڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ اصلاحي ۽ تربيتي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو