بلوچستان ۾ برسات ۽ طوفاني هوائن سبب زندگي جو نظام متاثر

بلوچستان ۾ برسات ۽ طوفاني هوائن سبب زندگي جو نظام متاثر

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات سبب زندگي جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي.هرنائي کان علاوه لورالائي، ڪوه سليمان رينج، چمن، قلعه عبدالله، پشين، قلعه سيف الله، نوشڪي، زيارت، ڪيچ، گوادر، لسبيلا مڪران ڊويزن ۾ برسات پئي.ٻئي طرف سنڌ بلوچستان جي ٻن اهم قومي شاهراهن جا شگاف مٽي سان ڀرجي ويا آهن.ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي تي لسبيلا ۽ ڪوئيٽا-سبي هاءِ وي تي بولان ۾ ڦاٿل هلڪي ٽريفڪ کي بچائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.هرنائي-پنجاب هاءِ وي تي مختلف هنڌن تي ٻوڏ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.ڪيچ ۾ برسات کانپوءِ ميراني ڊيم ڀرڻ جي ويجهو آهي، پاڻي جي سطح 243.70 فوٽ تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ميراني ڊيم ۾ اسپيل وي جي سطح 244 فوٽ آهي.ان کان علاوه لاهور جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.ڪالهه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ٿڌيون هوائون به هلڻ شروع ٿي ويون.ڪراچي ۾ اڄ ٻيهر هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو