بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري، 4 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پاڪ فوج، ايف سي ۽ پوليس جو دهشتگردن خلاف گڏيل ‘آپريشن شعبان’ تيزيءَ سان جاري آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، تازي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 4 دهشتگرد (خوارج) مارجي ويا آهن، جنهن بعد 5 جولاءِ کان هيل تائين مارجي ويلن جو انگ 109 ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف، 7 جولاءِ تي زيارت جي علائقي مانگي ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل 30 پوليس اهلڪارن جي واقعي خلاف ڪوئيٽا ۽ زيارت ۾ مقتولن جي وارثن جو دهرنو اڃا تائين جاري آهي، جيڪي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو