بلوچستان: دريائن ۾ ٻوڏ، وڌيڪ برسات جا امڪان

بلوچستان: دريائن ۾ ٻوڏ، وڌيڪ برسات جا امڪان

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان صوبي جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب دريائن ۾ ٻوڏ اچڻ سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.موسميات کاتي موجب اڄ ڪوئيٽا ۾ جزوي ڪڪر ڇانيل ۽ گرمي پد 21 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي مستونگ، پشين، زيارت، ڪوهلو، ژوب، شيراني، موسيٰ خيل، قلعه سيف الله، قلات، خضدار، سبي، هرنائي، بولان، بارکان، لورالائي، نصيرآباد، ڊيرا بگٽي، آواران، پنجگور، لسبيلا، ڪيچ ۽ جاتي جا دورا ڪيا آهن. گوادر ۾ اڄ برسات جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.اتر اوڀر ۽ ڏاکڻي بلوچستان ۾ ڪٿي هلڪي هلڪي برسات جو سلسلو اڃا به جاري آهي.نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اين 50 ڌنسر کان ژوب ڊي آءِ خان هاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.اين ايڇ اي ترجمان موجب پنجارا پل تي ٻوڏ ۽ وانگو قبا سعيد سيڪشن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته بوتا قلعه سيف الله سيڪشن اين 70 تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو