ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ آيل ٻوڏ کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر هن وقت تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ راشن ۽ ٻيو امدادي سامان نه پهچي سگهيو آهي.ٻوڏ سبب گهرن جي تباهي سبب متاثرين سخت پريشان آهن جڏهن ته پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي به کوٽ آهي.گذريل ٻن هفتن کان 50 هزار جي آبادي وارو ماڇ شهر ڪوئيٽا ۽ ملڪ جي ٻين حصن کان ڪٽجي ويو آهي. متبادل رستو نه هجڻ سبب ماڇي جا شهري خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.نوشڪي، چمن، طوبا اچڪزئي، پشين ۽ قلعه عبدالله ۾ به اڪثر متاثرن امدادي سامان ۽ راشن کان محروم ٿي ويا آهن.ٻئي طرف لسبيلا ضلعي ۾ ريسڪيو آپريشن وڏي حد تائين مڪمل ڪيو ويو آهي، متاثرن لاءِ عارضي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.










