لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير هجي يا سياحت وارو وزير، هن ملڪ کي فائدو ڏيڻ بدران نقصان پهچايو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته هو چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ 1973 جو آئين لاڳو ٿئي.هن چيو ته ملڪ کي آئين ۽ قانون تي هلڻ گهرجي، هي جمهوريت ناهي، جيڪي طاقتور آهن اهي ڪاوڙ ۽ خوف ۾ فيصلا ڪري رهيا آهن.فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته بند ڪمرن جا فيصلا درست نه هوندا، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، اڄ پوري قوم چيف جسٽس آف پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله گهرو وزير بدران ٻيلا وزير بڻجي ويو آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته جنرل ريٽائرڊ باجوه وڃڻ دوران ملڪ وڃائي ويٺو. هوش ۾ اچو، ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻ ڏيو.










