ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 مئي آچر کان ڀارت ۾ ٿيندڙ جي 20 جي تڪراري اجلاس جي سلسلي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو ٽن ڏينهن جو دورو شروع ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 22 مئي تي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي مظفر آباد ۾ 23 مئي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ باغ ضلعي ۾ احتجاجي ريلي پڻ منعقد ڪئي ويندي. اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي لائيو ڪوريج لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽس کان علاوه هيٺين سيٽلائيٽ فريڪوئنسيز تحت صاف فيڊ فراهم ڪيو ويندو.










