ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قانون ساز ڪميٽي جوڙي ڇڏي.بلاول هائوس جي ترجمان موجب پارلياماني معاملن لاءِ قانون ساز ڪميٽي جوڙي وئي آهي.قانون ساز ڪميٽي ۾ نويد قمر، شيري رحمان، فاروق ايڇ نائيڪ، شهادت اعواڻ ۽ شازيه مري شامل آهن.ڪميٽي ۾ طارق شاهه ڄاموٽ، بئريسٽر ضمير، اعجاز جکراڻي ۽ سليم مانڊوي والا به شامل آهن.










