بلاول جو ممتاز جکراڻي جي والده جي وفات تي ڏک جو اظهار

بلاول جو ممتاز جکراڻي جي والده جي وفات تي ڏک جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم پي اي مير ممتاز جکراڻي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي سان تعزيت جو اظهار ڪيو.پ پ چيئرمين، مير ممتاز جکراڻي سان سندس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ سنڌ جي وڏي وزير جي جيل واري صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي سان سندس سس جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته مائرون ۽ بزرگ سڀني جو ڏک آهي، اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو