بسڪٽ فيڪٽري مان هزار ميٽر ڪاپر ڪيبل چوري، 5 مزدور گرفتار

بسڪٽ فيڪٽري مان هزار ميٽر ڪاپر ڪيبل چوري، 5 مزدور گرفتار

سکر (ن س) سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ قائم ليو بسڪٽ فيڪٽري مان پلانٽ جي ڪيبل ٽري مان هزار ميٽر ڪاپر وائر چوري جي الزام ھيٺ پنجن مزدورن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ واقع ليو بسڪٽ فيڪٽري جي پلانٽ مان ڪيبل ٽري ۾ لڳل لڳ ڀڳ 1000 ميٽر ڪاپر وائر چوري ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فيڪٽري جي سيڪيورٽي آفيسر الله ورايو مشوري جي فرياد تي سائيٽ ايريا ٿاڻي تي چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ منور شيخ، سڌير ڊيهو، نثار قاضي، سهيل عباسي ۽ ديدار علي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل 5 ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ دوران فيڪٽري جي هڪ انجنيئر جي به مبينا ملوث هجڻ جو امڪان سامهون آيو آهي، جنهن سبب جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، واقعي ۾ ملوث ٻين امڪاني جوابدارن ۽ چوري ٿيل ڪاپر وائر ھٿ ڪرڻ لاءِ به مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو