رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين تي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.سعودي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ مارجي ويلن جي خاندانن ۽ پاڪستان جي حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ماڻهو فوت، زخمي ۽ لاپتا ٿيا آهن.سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته هو ٻوڏ سبب زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهن.










