سانگهڙ )ن س)سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ ٻيراڻي ۾ سماجي تنظيم هاشمي طرفان جي ڊي اي اڳواڻ اڪبر مري پاران تازين برساتن دوران بي گهر ٿيل متاثرن لاء هڪ ڏينهن جي مفت طبي ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ علائقي جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز علي جي ڳوٺ ٻيراڻي ۾ برساتن دوران بي گهر ٿي ويل متاثرن لاء هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي جنهن ۾ ، ڪراچي جي ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ۽ دوائون ڏنيون. ويون انهي موقعي مڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي اڳواڻ اڪبر مري ٻڌايو ته برسات جي پاڻي سبب هن علائقي ۾ مليريا جهڙيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ٽائيفائيڊ. ۽ پيٽ جي خرابي سبب ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته ڏکئي وقت ۾ سندس مدد جو سلسلو جاري آهي، هن علائقي مان برسات جو پاڻي نه نڪتو آهي، نه ڪي سهولتون آهن هتي جي ڪنهن سياسي نمائيندن پاران مدد نه ڪئي وئي اسان پنهجي مدد تعت متاثرن جي مدد ڪيون پيا ۽ هر ممڪن ڪندا رهنداسين










