بدين: مڙس ڇرين جا وار ڪري زال کي قتل  ڪري ڇڏيو

بدين: مڙس ڇرين جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو

بدين:(ن س) بدين شهر ڀرسان فردوس ڪالوني ۾ مڙس ڇريون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو بدين پوليس ذريعا تفصيل موجب فردوس ڪالوني ۾ مڙس يوسف ملاح پنهنجي زال ممتاز ملاح کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي اطلاع تي بدين پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ انڊس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي پوليس موجب جوابدار نندو جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو هتي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندو هو پوليس پهچڻ کان اڳ ۾ جوابدار فرار ٿي ويو آهي وڌيڪ پوليس طرفان جانچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو