بدين ضلعي جا اڪثر اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل، انتطاميه غائب

بدين ضلعي جا اڪثر اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل، انتطاميه غائب

ٽنڊوباگو (رپورٽ:ڄام سھيل سمون) سنڌ جي تعليم کاتي پاران سنڌ ۾ ڪورونا وبا جي ڪري 7 مهينن کان بند پيل اسڪولن کي سڀاڻي 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو اعلان ته ڪيو ويو آهي پر تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ خليفو محمد هاشم لغاري، خليفو احمد خان لغاري، ڳوٺ جليل ملاح، ڳوٺ اوڪو پٽيل ڪولهي، ڳوٺ آچار ڪاتيار، بچل شاه ڪالوني ٽنڊوباگو، پريٽ آباد، سميت هڪ سئو کان وڌيڪ گرلس ۽ بوائز جي پرائمري اسڪولن مان برساتي ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري انهن اسڪولن ۾ تعليم وارو عمل شروع ٿي نه سگهندو. ڳوٺاڻن شوڪت لغاري، بابر لغاري، محمد يوسف ملاح، پپو خاصخيلي، ويرسي ڪولهي” سنڌيار “ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان بار بار اسسٽنٽ ڪمشنر سميت تعلقي جي انتظاميا کي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍائڻ لاءِ چيو پر انتظاميه ڳوٺن ۽ اسڪولن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو آهي. هاڻي جڏهن 8 مهينن کان پوءِ اسڪولن ۾ تعليم شروع ڪئي وئي آهي ته اسان جي ڳوٺن جا اسڪول پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري بند هوندا. هنن ڊپٽي ڪمشنر بدين کان گهر ڪئي ته اسان جي ڳوٺن ۽ اسڪولن مان فوري طور تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي جيئن اسان جا ٻار اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو