مورو (رپورٽ حُسنُ ڪلھوڙو)ڪروڙين رپين جي لاگت سان ٺھيل شھر جا آر او پلانٽ ناڪارا بڻيل مورو شھر جو جر سينکيو بڻجي ويو آھي پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل انتظاميان پنھنجي ذميواري کان لاتعلق بڻيل آھن. پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل جي عدم توجہ ڪري ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھيل مورو شھر جا اڪثر آر او پلانٽ ناڪارا بڻجي ويا آھن شھر جي مختلف پاڙن ۾ لڳل آر او پلانٽن جون مشنيون خراب تہ ٽوٽيون ڀڳل آھن آر او پلانٽ ناڪارا ھجڻ ڪري شھري سخت پريشاني ۾ جر جو سينکيو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن










