سکر/ڏھرڪي/رائونتي/مريد شاخ (نمائندن وٽان) سنڌ-پنجاب سرحدي دنگ تي مبينا طور پوليس مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل سلطو شر ساٿي سوڌو مارجي ويو آھي ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ڳالھ ٻولھ دوران تصديق ڪندي چيو آهي ته راونتي جي ڪچي ۾ منهنجي نگراني هيٺ سکر ۽ گهوٽڪي جي پوليس گڏيل آپريشن ڪيو ھن چيو تھ مقابلي دوران ڌاڙيل سلطو شر ۽ سندس ساٿي عيسو شر مارجي ويا آھن، سلطو شر 20 سالن کان سرگرم ڌاڙيل هو ۽ سنڌ توڙي پنجاب لاءِ آزار بڻيل هو ڊي آءِ جي موجب مارجي ويل ڌاڙيل اغوا، قتل ۽ پوليس کي ڌمڪين سوڌو ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو، سلطو شر تمام وڏو ۽ سنڌ جو نمبر ون ڌاڙيل هو سنڌ سرڪار سلطو شر جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ روپيا مقرر ڪئي هئي، سلطو شر ۽ سندس ساٿي جو لاش پوليس جي حراست هيٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي










