لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ پرويز خٽڪ چيو آهي ته بدمعاشي جو جواب بدمعاشي سان ڏينداسين، پولنگ اسٽيشنز تي مخالفن جي گنڊا گردي نه هلندي. چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن سوال ڪيو ته آخرڪار ڪيستائين اسان تي چور حڪمراني ڪندا رهندا؟هن چيو ته ملڪ کي نواز شريف ۽ زرداري جي قرضن پينو بڻائي ڇڏيو، عمران خان جي مقبوليت ڏسي مخالفن جو ننڊون حرام ٿي ويون آهن، 17 جولاءِ تي غنڊن کي شڪست ڏيڻي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ چيو ته شهباز شريف چوندو هو ته ڪپڙا کپائي ڇڏيندس هن اسان جا ڪپڙا کپائي ڇڏيا.










