بدقسمتي سان پ پ  خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ۽ مھم ھلائي وئي:شرجيل

بدقسمتي سان پ پ خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ۽ مھم ھلائي وئي:شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بدقسمتي سان پيپلز پارٽي خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ۽ مھم ھلائي وئي، ناڪاري شين ۽ ڪٿي ڪم نه ٿيڻ کي پيپلز پارٽي سان منسوب ڪيو ويندو ھو، ڪيترائي اھڙا شعبا آھن جن ۾ سنڌ سرڪار جو مقابلو ڪير به نه ٿو ڪري سگھي، سنڌ سرڪار صحت جي سعبي ۾ جيڪي سھولتون متعارف ڪرايون آھن اُھي رڳو سنڌ جي عوام لاءِ ناھن پر پوري ملڪ ۽ پاريسري ملڪن جي عوام لاءِ به آھن، اُنھن سھولتن مان نه رڳو پوري ملڪ پر پاڙيسري ملڪن جا شھري به لاڀ ماڻي رھيا آھن. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ اينڊ پرنٽ ميڊيا ڪلفٽن ڪراچي ۾ اسلام آباد جي صحافين جي ھڪ وفد سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي اچڻ تي اسلام آباد جي صحافين جو آڌرڀاءُ ڪيو، اسلام آباد جي صحافين سنڌ جي مختلف ضلعن جي دورن بعد ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، ملاقات جي موقعي تي اسلام آباد مان ڪھي آيل صحافين صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ سنڌ سرڪار جي ترقياتي رٿائن جي تعريف ڪئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اُن موقعي تي وفد کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد جا صحافي دوست سنڌ سرڪار جي خاص دعوت تي ڪراچي آيل آھن، اسان کين خوش آمديد چئون ٿا، اُن کان اڳ خيبرپختونخواھ ۽ لاھور جي صحافين کي گھرايو ويو ھو ته جيئن ملڪ جي ٻين حصن جي عوام کي سنڌ سرڪار جي عوام کي ملندڙ سھولتن جي باري ۾ آگاھي ڏئي سگھجي. ھن چيو ته ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ لاءِ اڳي ماڻھو ڀارت ويندا ھُئا، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪوششن سان ھاڻي ھي سھولت پاڪستان ۾ به ميسر آھي ۽ مفت ۾ماڻھن جا ٽرانسپلانٽ ڪيا پيا وڃن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شھيد بي بي بينظير ڀٽو ھن ملڪ جي عورتن کي بااختيار بڻايو ۽ ملڪ ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز جو منصوبو شروع ڪيو، پھرين ته پُٺتي پيل علائقن جي عورتن جا شناختي ڪارڊ به نه ٺھندا ھُئا، پر جڏھن صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ته ماڻھن کي شناختي ڪارڊ جي اھميت جي خبر پئي ۽ عورتن وڌي چڙھي پنھنجا ڪارڊ ٺھرايا. ھن چيو ته جيڪي روڊ سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول ۾ آھن اُھي کي بھتر حالت ۾ ملندا، پاڪستان جو سڄو سامان قومي شاھراھ ذريعي سنڌ مان ويندو آھي، وفاقي حڪومت کي قومي شاھراھ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جي پھرين اوليت ماڻھن جو حياتيون ۽ صحت آھي، سنڌ سرڪار صحت سميت ٻين شعبن ۾ اربين رُپيا خرچ ڪري رھي آھي، وزير اعظم شھباز شريف احسن اقبال کي چيو ته اوھان به سنڌ کان ڪجھ سکو. ھن چيو ته ٿرڪول منصوبو شھيد بي بي شروع ڪيو، بعد ۾ ان کي بند ڪيو ويو، صدر آصف علي زرداري حڪومت ۾ اچي ٻيھر ٿرڪول منصوبو شروع ڪيو، اڄ ھزارين ميگاواٽ بجلي ٿرڪول مان قومي گرڊ ۾ وڃي رھي آھي ۽ ان مان سڄو ملڪ لاڀ ماڻي رھيو آھي، ھزارين ميگاواٽ قومي گرڊ کي ڏيڻ کان وڏي ٻي ڪھڙي خدمت ھوندي، اسان کي ماڻھن ووٽ ڏنا آھن ته جيئن سندن خدمت ڪريون، معاشي ماھر مڃين ٿا ته توانائي جي بحران جو واحد حل ٿر جو ڪوئلو آھي، ٿرڪول منصوبي جي انفرا اسٽرڪچر تي سنڌ سرڪار ھڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اقليتي برادري جي لاءِ سڀني کان گھڻا ڪم پيپلز پارٽي ڪيا آھن، اقليتن جي لاءِ مندر، چرچ، ڪميونٽي سينٽر پيپلز پارٽي ٺھرايا آھن، سياحت جي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ به سنڌ سرڪار سرگرمي سان ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ھڪ تاثر جوڙيو ويو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، امن جي صورتحال سنڌ ۾ بھتر آھي، اسان جي صحافي دوستن رات جي وقت سکر کان ٿر تائين روڊ ذريعي سفر ڪيو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري جي خواھش آھي ته بلوچستان ۾ اين آءِ سي وي ڊي شروع ڪيو وڃي، اهڙي قسم جي منصوبن لاءِ خيبرپختونخواھ ۽ پنجاب کي جتي به ضرورت ھُجي ته سنڌ سرڪار مدد لاءِ تيار آھي. ھن چيو ته وفاق ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت گھٽ رھي آھي، اُن ڪري سنڌ جي وسيلن جي کوٽ جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي، وسيلن جي کوٽ باوجود سنڌ سرڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي سدائين ڪوشش رھي آھي ته نفرت جي سياست جي حوصلا شڪني ٿئي، زميني طور تي ڪوبه تعصب ناھي، ڪجھ ماڻھو ذھنن ۾ تعصب پالين ٿا ۽ ڪُڌن مقصدن جي لاءِ اُن کي ھٿي ڏين ٿا، ھُو ڇاھين ٿا ته اھي تعصب تي ٻڌل ڳالھ ڪن، اسان جواب ڏيون ۽ معاملو وڌي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ماحوليات تي به ڪم ڪري رھي آھي، ٻوڏ ٻين صوبن ۾ آئي، پر سنڌ سرڪار 21 لک خاندانن کي گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي، بجلي جي فراھمي لا3 سنڌ سرڪار طرفان ٻه لک گھرن کي سولر سسٽم ڏنا پيا وڃن، ھاڻي کين سڄي حياتي ڪوبه بل ڀرڻو نه پوندو، ماڻھن جي حقيقي مسئلن ۽ سندن ڀلائي ۽ بھتري لاءِ سنڌ سرڪار ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو ته پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري ماحول دوست اي وي بسون پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار متعارف ڪرايون، عورتن جي محفوظ سفر لاءِ پھرئين ڀيرو پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسئلا پوري پاڪستان ۾ آھن، رڳو پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار خلاف پروپيگنڊا جو دڪان کوليو ويو آھي، ھڪ شخص کي فرشتو بڻائي پيش ڪيو ويو، ڪجھ پارٽين کي برو بڻائي پيش ڪيو ويو. ھن چيو ته سنڌ جي ھوائي اڏن کي فعال بڻائڻ جو ڪم وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي، سنڌ سرڪار رڳو ٿرڪول تي پنھنجو ھوائي اڏو ٺاھيو آھي، پوري دُنيا ۾ دريائن ۾ ٻيڙيون ھلنديون آھن، سنڌ ۾ به ھلڻ گھرجن، پورٽس ۽ شپنگ وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آھي، وفاقي حڪومت اھو ڪم ڪري سگھي ٿي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ميرٽ تي ھزارين استاد ڀرتي ڪيا،آءِ بي اي ٽيسٽ تحت ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ويون، سنڌ سرڪار صحت ۽ تعليم کي پھرين اوليتن ۾ رکيون آھن، اُنھن شعبن ۾ انقلابي ڪم ڪري رھي آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اُن موقعي تي مھمان صحافين کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا به پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو