بختاور ڀٽو جي هالا آمد، مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات

بختاور ڀٽو جي هالا آمد، مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات

مٽياري(ن س) شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري اوچتو مٽياري ضلعي جي هالا شهر ۾ پهچي وئي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات ڪري ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي بختاور ڀٽو زرداري جو ور به ساڻس گڏ موجود هو بختاور ڀٽو زرداري نوابشاهه کان ڪراچي واپس ويندي اوچتو خيبر کان واپس ٿي ھالا پهتي ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات ڪئي آهي. هالا هائوس جي ترجمان غلام اڪبر ڀٽو موجب ان موقعي تي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ بختاور ڀٽو زرداري بنا ڪنهن شيڊول جي اوچتو ھالا پهچي ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات ڪئي آهي مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات بعد بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي مڙس سان گڏ واپس ڪراچي طرف رواني ٿي وئي آهي ان موقعي بختاور ڀٽو زرداري چيو ته عوامي خدمت کي مان عبادت سمجهان ٿي ۽ اهو سڀ ملي ڪري ڪنداسين هن چيو ته آئينده حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي هوندي ۽ ملڪ جو نئون وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو بختاور ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام کي مشڪل حالتن ۾ پ پ نه ڇڏيو آهي نه وري ڇڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو