اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نھ پيا ڪيون، زرعي شعبي تي ڌيان ڏينداسين، وفاقي ناڻي کاتي طرفان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي کي رعايت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آھي، ٽئڪس ڏيندڙن لاءِ ٽئڪسز ۾ به اضافو نه ڪيو ويندو، بجيٽ سيمنيار کي خطاب دوران وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ توانائي شعبي ۾ بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ ۾ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن اضافو معاشي بهتري جي عڪاسي آهي، ايف بي آر طرفان هراسان ڪرڻ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ يونيورسل سيلف اسيسمينٽ ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو نظام آندو ويندو، شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نھ پيا ڪريون، زرعي شعبي تي ڌيان ڏئي رھيا آھيون، معيشت کي بھتر ڪري رھيا آھيون، وزيراعظم جيڪي قدم کنيا آھن اھي بھترين آھن.
صحافين ۽ پريس ڪلبن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪبا،ميمڻ
سنڌ جي صنعتي زونن ۾ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويو، ڌاريجو
جماعت اسلامي جو 16 مئي تي حڪومت خلاف مارچ جو اعلان
ٽئلينٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو
دبئي ۾ پرڏيهين جي 400 ارب ڊالرن جي ملڪيت، پاڪستاني شامل
گهارو ۾ ساليانو ترقياتي ڪم ڪرايو ويندو،ڪارپوريشن
آڊيو ليڪس ڪيس ۾ پيغام مليو ته پوئتي هٽي وڃو: جسٽس بابر ستار
سرڪاري کاتن ۾ وڏي پيماني تي ڀرتين جي منظوري
جسٽس ستار جي خاندان جي معلومات ليڪ ڪرڻ تي نوٽيس
گڏيل ڪوششن سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ ختم ٿي
قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي: عطاءُ تارڙ
مدئجي ۾ ڀائرن جو جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل
دادو ۾ انينگري سان جنسي زيادتي، وڊيو رڪارڊ، 3 جوابدار گرفتار
190 ملين پائونڊ ڪيس،خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمي ڪيس ۾ خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم
نان فائلرز جو سمون بلاڪ نه ڪريو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
رفح ۾ اسرائيلي حملا جاري، حماس جي حملن ۾ اسرائيلي فوجي زخمي
نابالغ ڇوڪري جو نڪاح ڪرائيندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم
عمران خان جو جيل مان نڪرڻ ئي پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي
آزاد ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، حافظ نعيم