بجيٽ ۾ زراعت تي ڌيان ڏينداسين، شوڪت ترين

 اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نھ پيا ڪيون، زرعي شعبي تي ڌيان ڏينداسين، وفاقي ناڻي کاتي طرفان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي کي رعايت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آھي، ٽئڪس ڏيندڙن لاءِ ٽئڪسز ۾ به اضافو نه ڪيو ويندو، بجيٽ سيمنيار کي خطاب دوران وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ توانائي شعبي ۾ بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ ۾ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن اضافو معاشي بهتري جي عڪاسي آهي، ايف بي آر طرفان هراسان ڪرڻ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ يونيورسل سيلف اسيسمينٽ ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو نظام آندو ويندو، شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نھ پيا ڪريون، زرعي شعبي تي ڌيان ڏئي رھيا آھيون، معيشت کي بھتر ڪري رھيا آھيون، وزيراعظم جيڪي قدم کنيا آھن اھي بھترين آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو