بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 پورهيت فوت

بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 پورهيت فوت

ميرپورماٿيلو:(ن س) ميرپورماٿيلو شھر م اوچتو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب کير جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ ٻہ پورهيت موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ٻئي پورهيت کير جي دوڪان ڪم ڪندا هئا ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي پورهيت دوڪان مٿان لڳل سولر پليٽن جي صفائي ڪري رهيا هئا ته اوچتو سندن هٿ 11 هزار وولٽيج تار سان ٽڪرائجڻ ڪري ٻئي مزدور ٿڏي تي فوت ٿي ويا فوت ٿي ويل نوجوانن جي سڃاڻپ الطاف چڍھڙ ۽ اڪرم چانڊيو طور ٿي آهي، ٻنهي نوجوانن کي ڊي ايڇ ڪيو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتي ضروري ڪاروائي ٻنھي فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتي پورهيتن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهر ۾ قهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو