باهه سبب 7 گهر سڙي ويا، هڪ نينگري فوت

باهه سبب 7 گهر سڙي ويا، هڪ نينگري فوت

ڪنڊيارو(ن س) ڳوٺ عالم آباد ۾ گھرن کي پراسرار نموني باھ , ھڪ نينگري سڙي فوت, باھ سبب گھرن ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو, اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار, وارث نينگري جو لاش لوڊر رڪشا ذريعي ڳوٺ کڻائي ويا, متاثر پورھيتن سومر رند موسيٰ رند، سلطان رند شريف سولنگي سميت ست پورھيتن جي ڪکائين گھرن کي باھ لڳي وئي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ گھرن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اطلاع باوجود فائربرگيڊ دير سان پھچڻ سبب باھ گھرن کي وڪوڙي وئي جنھن سبب گھر ۾ ستل ھڪ معصوم نينگري 6 ورھين جي عافيا ڌي سومر رند سڙي فوت ٿي وئي جڏھن ته باھ سبب گھرن ۾ بيٺل پنج موٽرسائيڪلن سميت ڪڻڪ ۽ ٻئي سامان سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو