باجوڙ ۾ مقابلو، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 3 جوان شهيد

باجوڙ ۾ مقابلو، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 3 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فوجي ترجمان سومر تي جاري ڪيل بيان م ٻڌايو آهي ته 18 ۽ 19 آگسٽ جي وچ واري رات افغانستان مان باجوڙ ۾ داخل ٿيندڙ خوارج الفتنه جي هڪ گروهه سان سيڪورٽي فورسز جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 سپاهي شهيد ٿي ويا. بيان م ٻڌايو ويو آهي ته مقابلي ۾ 4 دهشتگرد زخمي به ٿيا آهن. شهيد ٿيل ڌرتي جي بهادر پٽن ۾ نائيڪ عنايت خان (عمر: 36 سال، رهواسي ضلعو خيبر)، لانس نائيڪ عمر حيات (عمر: 35 سال، رهواسي ضلعو مانسهره) ۽ سپاهي وقار خان (عمر: 25 سال، رهواسي ضلعو پشاور) شامل آهن. پاڪستان مسلسل عبوري افغان حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته سرحد جي ان پاسي موثر بارڊر مئنيجمينٽ کي يقيني بڻايو وڃي. افغانستان جي عبوري حڪومت کان اميد آهي ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ خوارج طرفان افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪيندا. بيان م چيو ويو آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو