باجوڙ: (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ فتنته الخوارج طرفان ڇڏيل بارودي مواد جي ڦاٽڻ سبب 3 معصوم ٻار شهيد جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا.سرڪاري ٽي وي موجب اهو افسوسناڪ واقعو باجوڙ جي علائقي لغزئي ۾ انهي وقت پيش آيو جڏهن مقامي ٻار دهشتگردن جي ڇڏيل بارودي مواد سان کيڏي رهيا هئا ته اهو اوچتو ڦاٽي پيو.واقعي جي فوري بعد پاڪ فوج وقت تي ايڪشن وٺندي زخمي ٻارن کي هيليڪاپٽر جي ذريعي پشاور منتقل ڪيو جتي انهن جو علاج سي ايم ايڇ پشاور ۾ ماهر فوجي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ جاري آهي.مقامي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن موقعي تي پهچي واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. اختيارين موجب فتنه الخوارج ماضي ۾ به مسجدن، گهرن ۽ شهري آبادين کي ڍال بنائي اهڙيون دهشتگردانه ڪارروائيون ڪندا رهيا آهن.هن چيو آهي ته اهو سانحو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته فتنه الخوارج علائقي ۾ ڪهڙي طرح خطرناڪ بارودي ڄار وڇائي رکيو آهي. ياد رهي ته وادي تيراهه ۾ به خوارج جي ذخيرو ٿيل بارودي مواد جي ڦاٽڻ سبب ڪيترائي معصوم شهري شهيد جڏهن ته 14 دهشتگرد مارجي ويا هئا. پاڪ فوج اهڙي ارادي جو اظهار ڪيو آهي ته مقامي آبادي جي تعاون سان باجوڙ ۽ لاڳاپيل علائقن کي هنن خطرناڪ عناصرن ۽ بارودي ڄارن کان مڪمل پاڪ ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي علائقي لکي مروت ۾ آپريشن دوران 17 خوارج مارجي ويا هئا.










