لکنئو(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي خصوصي عدالت بابري مسجد ڪيس ۾ سمورن 32 ئي جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي آزاد ڪر ڇڏيو آهي. عدالت فيصلو جاري ڪندي چيو آهي 28 سال اڳ شهيد ڪيل بابري مسجد ڪنهن رٿا بندي هيٺ نه ڊاهي وئي هئي. جوابدارن خلاف ثبوت ۽ شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي آجو قرار ڏنو وڃي ٿو. عدالت سمورن ملزمن کي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ عمر وڌيڪ هجڻ وارن جوابدارن کي ويڊيو لنڪ تي فيصلو ٻڌڻ لاءِ چيو ويو هو. ڪيس جي جوابدارن ۾ بي جي پي جو باني ايل ڪي آڏواڻي، اڳوڻو وزير ملر منوهر جوشي، اوما ڀارتي، اتر پرديش جو اڳوڻو وڏو وزير ڪلياڻ سنگهه ۽ ٻيا شامل هئا. هڪ ملزم جي ڀڳوان گويل ٽي وي تي چيو ته اسان مسجد ٽوڙي هئي سزا ملي ها ته قبول ڪريون ها.










