لاهور (ويب ڊييسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽسمين بابر اعظم ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ شاهد آفريدي جو ناپسنديده رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.ڏکڻ آفريڪا خلاف، بابر اعظم صرف 2 بالن ۾ هڪ به رن ٺاهڻ کانسواءِ آئوٽ ٿي ويو ۽ ڪوربن بش کيس ٻڙي تي آئوٽ ڪيو،هن اننگز سان بابر اعظم ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ اٺين ڀيري صفر تي آئوٽ ٿيڻ جو شاهد آفريدي جو ناپسنديده رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.بابر اعظم ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ پاڪستاني رانديگرن جي فهرست ۾ شاهد آفريدي سان ٽئين نمبر تي آيو، هن فهرست ۾ عمر اڪمل 10 ٻڙي سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته صائم ايوب 9 صفر سان ٻئي نمبر تي آهي. شاهد آفريدي هن فهرست ۾ چوٿين نمبر تي آهي، ڪامران اڪمل 7 صفر سان پنجين نمبر تي آهي، ۽ محمد حفيظ پڻ 7 صفر سان ڇهين نمبر تي آهي.










