بااثر جوابدارن جو ميگهواڙ برادري جي گهرن تي حملو

بااثر جوابدارن جو ميگهواڙ برادري جي گهرن تي حملو

ميرپورماٿيلو(ن س) ڳوٺ قاضي لعل بخش ڪلوڙ ۾ قاضي برادري جي بااثر جوابدارن پاران معمولي ڳالھ تان ميگھواڙ برادري جي گھرن تي مبينا حملو ڪري مرد عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ويو آھي. واقعي خلاف متاثر ڌر ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پھچي احتجاج ڪندڙن لوڻيو ميگھواڙ، وسند ڪمار، درشن لال، ٻائي هرکي ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ  جوابدار سليم قاضي، ديدار، پپل قاضي ۽ ٻين ٻارن جي وچ ۾ منھن ماري ڪرڻ تان اسان جي گھرن تي حملو ڪري گھرن ۾ موجود. پيرسن لوڻيو جي، عورت ھرکي ٻائي، درشن لال ۽ ٻين تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آھي. هنن الزام ھنيو تج جوابدارن اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ گھر خالي ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدرن کي فوري گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو