واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن 2024ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي ريس تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ جو بائيڊن چيو ته هو پنهنجي باقي مدي تائين صدر طور پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو. مان پنهنجي فيصلي بابت هن هفتي قوم سان ڳالهائيندس، بائڊن چيو منهنجي استعيفيٰ پارٽي ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهي.صدر جو بائيڊن صدارتي ريس تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ کان علاوه ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار لاءِ موجوده آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس جي ڀرپور حمايت جو به اعلان ڪيو آهي.










