بائيڊن جو سعودي عرب جو دورو، اعليٰ قيادت سان ملاقاتون

بائيڊن جو سعودي عرب جو دورو، اعليٰ قيادت سان ملاقاتون

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي دوري تي آيل آمريڪي صدر جو بائيڊن سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب جي فوجي ۽ سيڪيورٽي ضرورتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر جو بائيڊن چيو ته وچ اوڀر کي روس ۽ چين لاءِ خالي نه ڇڏيو ويندو، تيل جي سپلاءِ وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.جوبائيڊن اڄ 6 ملڪن جي خليجي تعاون تنظيم جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو.آمريڪي تجزيه نگارن اسرائيل سميت سمورن جهازن لاءِ سعودي ايئر اسپيس کولڻ جي اجازت کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف آمريڪا سعودي عرب، مصر ۽ اسرائيل جي سرحد جي ويجهو اهم ٻيٽ تيران ۽ صنافير مان امن فوج جي واپسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان علائقي ۾ سياحت کي فروغ ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو