جنرل (ر) پرويز مشرف 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

جنرل (ر) پرويز مشرف 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

دبئي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو فوجي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. دبئي جي آمريڪن اسپتال ۾ هو داخل هو. ابو ظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ترجمان شازيا سراج سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي. پرويز مشرف ڪافي عرصي کان دبئي جي آمريڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. هن کي جسم ۾ پروٽين جمع ٿيڻ جي عجيب بيماري هئي جنهن ۾ ڊاڪٽرن موجب جسم جا عضوا ڪم نه ڪندا آهن. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سومر تي پاڪستان مان سي ون ٿرٽي سندس لاش کڻڻ لاءِ ويندو جنهن ۾ سندس فيملي ميمبر به گڏ ايندا. هن سوڳوارن ۾ زال صحبا مشرف، نياڻي عائلا ۽ پٽ بلال ڇڏيو آهي. پرويز مشرف 2016 کان دبئي ۾ رهندو هو جتي 2018 ۾ هنکي عجيب بيماري هجڻ جو انڪشاف ٿيو هو.  اڳوڻو صدر پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو، هو 79 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.جنرل (ر) پرويز مشرف 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو، 12 آڪٽوبر 1999ع تي هو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هٽائي چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ کيس اپريل 2002 ۾ هڪ ريفرنڊم منعقد ڪرائي پاڪستان جو باقاعده صدر چونڊيو ويو. 2004ع ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي پرويز مشرف کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو، پرويز مشرف 18 آگسٽ 2008ع تي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ آصف علي زرداري پاران گهيرو تنگ ٿيڻ تي احتساب کان بچڻ لاءِ استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويو هو، بعد ۾ مٿس آئيڻ ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي اڳواڻي ۾ جوڙيل خصوصي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي. عدالت فيصلي ۾ لکيو هو ته عدالت سيڪورٽي فورسز کي حڪم ٿي ڏي ته ڀڳوڙي پرويز مشرف کي گرفتار ڪري موت جي سزا ڏني وڃي پر جيڪڏهن هو مئل حالت ۾ ملي ته سندس لاش کي پارليامينٽ جي ڊي چوڪ تي ايوان صدر ۽ سپريم ڪورٽ آڏو 3 ڏينهن ٽياس تي ٽنگيو وڃي. ٽن ججن واري خصوصي عدالت جي هڪ جج اختلاف ڪيو هو پر ٻن ججن اڪثريتي فيصلو ڏنو هو. 2013 ۾ نواز شريف جي حڪومت مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، 2014 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ سالن جي ٽرائل بعد 17 نومبر 2019 تي فيصلو ٻڌايو ويو. جنهن بعد فوج ان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ ان خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي چيلينج ڪيو ۽ اعليٰ عدالت ان خصوصي عدالت جي تشڪيل کي غير قانوني قرار ڏئي معاملو لئي مٽ ڪيو هو. ڪجهه عرصي بعد پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سينارٽي باوجود اسٽيبلشمينٽ جي مخلافت سبب سپريم ڪورٽ ترقي نه ملي ۽ هو ڪورونا سبب مشڪوڪ حالت ۾ فوت ٿي ويو هو. پپاڪستان جي تاريخ ۾ 4 ڀيرا مارشل لا هڻندڙ فوجي جرنيلن لاءِ هي عدالتي فيصلو وڏو ڌچڪو ثابت ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو